مرحوم حجة الاسلام والمسلمين سڪندر علي لطفي (رحمة الله عليه ) جي سوانح عمري  

تحرير مولانا نائب علي ڪميلي

 

جڏهن الله تعالى زمين تي ابوالبشر حضرت آدم عليه السلام جي خلافت جو اعلان ڪيو ته تنهن وقت ملائڪه جهڙي مقدس مخلوق مٿان به سندس برتري علم کي قرار ڏنائين، اهڙي ريت هر دور ۾ پنهنجي هر نبي ۽ ولي جو انتخاب علم جي ئي آڌار تي ڪيائين، اهو ئي سبب آهي جو عالم کي جاهل مٿان فضيلت عطا ٿي ۽ علماء کي ئي نبين جو وارث بڻايو ويو، هر دور ۾ انبياء جي علمي ميراث جو سهرو مڪتب محمد وآل محمد عليهم السلام جي خدمتگذار عالمن جي سرن جي ئي سونهن رهيو آهي، مرحوم حجة الاسلام والمسلمين سڪندر علي لطفي (رحمة الله عليه ) جن جو شمار به اهڙن عالمن منجهان ئي ٿئي ٿو، جن پوري پنهنجي زندگي محمد و آل محمد عليهم السلام جن جي پاڪ مشن جي خدمت ۾ گذاري ڇڏي، سندن جنم ضلعي ميرپورخاص جي ڳوٺ واگهريجي ۾ مرحوم حاجي حسن علي لغاري جن جي گهر ۾ ٿيو، پاڻ سنڌ جي مشهور عالم با عمل، عارف ۽ پارسا شخصيت مرحوم حجة الاسلام والمسلمين قبله مولانا غلام مهدي نجفي (قدس الله نفسه الزکية) جن جا ۽ ڀائيٽا ۽ سنڌ ڌرتي جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ زندگي گذاريندڙ شيعيان حيدر ڪرار جي محسن مرحوم حجة الاسلام والمسلمين قبله مولانا عباس علي نجفي (رحمة الله عليه) جن جا ڀاءُ هيا.

سن 1965 ع جي آخر ۾ پرائمري تعليم کان فارغ ٿي، سن 1966 ع ۾ مدرسه مشارع العلوم ۾ داخلا ورتائون، جتي مرحوم حجة الاسلام والمسلمين سيد ثمر حسين زيدي ( نور الله مرقده الشريف) جي سرپرستي ۾ علم ۽ عمل جي زيور سان آراسته ٿيندا رهيا، 1972ع ۾ مدرسي جو ڪورس مڪمل ڪيائون، سن 1971ع ۾ ڀٽائي سرڪار جي گادي نشين مرحوم جناب سيد غلام شبير شاهه، قبله مولانا عباس علي نجفي (رح) جن کان عالم دين جي گهُر ڪئي، تنهن تي پاڻ قبله سڪندر علي نجفي صاحب جن کي ان فرض جي ادائيگي لاءِ روانو ڪيو، وڏي ڀاءُ جي حڪم کي جيءَ ۾ جايون ڏيندي لطفي صاحب ان فرض کي مسلسل ڏهن سالن تائين تمام جانفشاني سان انجام ڏيندا رهيا، ايران ۾ اسلامي انقلاب جي ڪاميابي کان ڪجهه سال پوءِ پنهنجي علمي پياس اجهائڻ لاءِ پاڻ قم المقدسه جي سرزمين تي تشريف آور ٿيا، هي دور ايران ۽ عراق جي درميان جنگ جي ڪري تمام سخت دور شمار ڪيو ٿي ويو، تنهن دور ۾ قبله لطفي صاحب جو آرام ۽ سڪون واري زندگي ڇڏي، جنگ ۽ جدال سان سٽيل بي چين ماحول ۾ اچي تعليمي سلسلي کي وڌائڻ علمي ڪميءَ کي پورو ڪرڻ واري سندن اندر جي احساس جي چڱي ريت عڪاسي ڪري ٿو، 6 سال جي جفاڪشي ۽ محنت کان بعد پنهنجي وطن ڏانهن واپس موٽيا، وطن واپسي کان پوءِ سندن ذميواري ۾ اڃا اضافو ٿي ويو، هڪ طرف ڀٽائي درگاهه تي خطيب جي عهدي جي عنوان سان تبليغ جا فرائض انجام ٿي ڏنائون، ته ٻئي پاسي دانشگاهه جعفريه ۾ تدريسي خدمتن ۾ پڻ مصروف رهيا، هن وقت به سندن شاگردن جو وڏو انگ حوزه عليمه قم المقدسه ۽ حوزه علميه نجف اشرف ۾ علوم محمد و آل محمد (ع) حاصل ڪرڻ ۾ مصروف آهي، خطابت جي ميدان ۾ سندن گفتگو تمام سنجيده ۽ سندن جملا اهڙا ته دلنشين هوندا هئا جو کين هڪ دفعو ٻڌڻ وارو بار بار سندن مجلس ٻڌڻ لاءِ آتو هوندو هو، نوي واري ڏهاڪي جي آخري سالن مان ڪو سال هو جنهن ۾ پاڻ محرم الحرام جي عشري دوران ڪجهه مجلسن ۾ سرڪار شاهه عبداللطيف ڀٽائي (رحمة الله عليه) جي شيعه هجڻ کي سندس ئي بيتن مان جنهن انداز ۾ ثابت ڪيو هو، تنهن کي ڀٽ شاهه واسي مومن ڪڏهن ڀلائي نه سگهندا، سندن بيان، بحث جي ميدان ۾ مد مقابل کي اطمينان بخش انداز ۾ لاجواب ڪرڻ خالق طرفان کين مليل اهڙيون ته عطائون هيون جنهن جو مشاهدو اسان پاڻ ڪيترا دفعه ڪري چڪا هياسين، هڪ دفعو ميرپورخاص جو ڪمشنر مدرسو گهمڻ جي خيال سان واگهريجي آيو، ڪمشنر جو تعلق اهل سنت سان هيو، جڏهن ڪمشنر صاحب ڪجهه مذهبي سوال ڪرڻ جي خيال سان قبله لطفي صاحب جن سان مليو ۽ ان پنهنجو پهريون ئي سوال ”عقد موقت“ جي باري ۾ شيعه نقطه نظر جي حوالي سان ڪيو، ته قبله جن بغير ڪنهن اختلافي نڪتي کي ڇيڙڻ جي ”عقد موقت“ جي تاريخي پس منظر، ان جي فائدن ۽ ان جي روڪ ٿام تي پيش ايندڙ نقصانن تي جيڪا روشني وڌي تنهن تي نه رڳو ڪمشنر صاحب پر ان سان آيل مهمان پڻ اهڙا مطمئن ٿيا جو وري ڪنهن ٻئي سوال ڪرڻ جي کين ضرورت ئي پيش نه آئي، سندن قلم ۾ قدرت واري اهڙي ڪا چسُ ڏني هئي جو سندن لکڻيون پڙهڻ لاءِ هر ماڻهو آتو هوندو هيو، 1997ع ۾قبله عباس علي نجفي (رح) جن جي وفات کان پوءِ پاڻ هڪ طرف سرپرست دانشگاهه جعفريه حجة الاسلام والمسلمين قبله مولانا محمد محسن مهدوي (زيد عزه) سان گڏوگڏ مدرسي جي پرنسپلي جا فرائض نڀائي رهيا هئي ته ٻئي طرف سنڌي زبان ۾ ديني ۽ مذهبي حوالي سان قلمي خدمتن واري خلاء کي محسوس ڪندي، اهڙي حب سان جٽيا جو زندگي جي آخري ڏهاڙن تائين ان سلسلي کي جاري رکيو آيا. سندن قلمي خدمتون هن ريت آهن

1. منهاج العارفين: فقهي مسئلن تي مشتمل هن ڪتاب جو اهو امتياز آهي ته فقهي مسئلا ذڪر ڪرڻ سان گڏوگڏ ان ۾ شيعه سني مسلڪن جي درميان اختلافي مسئلن کي استدلالي انداز ۾ ثابت ڪيو ويو آهي.

2. سچي سائڻ: حضرت فاطمه زهرا سلام الله عليها جن جي زندگي ۽ سيرت تي لکيل هي ڪتاب سندن علمي، استدلالي ۽ ادبي ذوق جو نرالو مثال آهي.

3. تفسير لطيفي: قبله لطفي صاحب سالن کان سنڌ واسي مومنن جي احساسن ۽ ضرورتن کي نظر ۾ رکندي جيڪو بي مثال قدم کنيو، سو سنڌي زبان ۾ قرآن مجيد جو ترجمو ۽ تفسير آهي، قرآن مجيد جي هن ترجمي ۽ تفسير ۾ پاڻ جيڪو قلمي ڪارنامو انجام ڏنو اٿن سو کين خالق طرفان عطا ٿيل هڪ خاص عنايت آهي، قرآن مجيد جي هن ترجمي جي خاصيت اها آهي ته هن ۾ تمام سليس ادبي زبان استعمال ڪئي وئي آهي، ۽ ٻي خاصيت جنهن جي ڪري ٻين ترجمن کان ان جي امتياز کي مشخص ٿي ڪري سا اها آهي ته ان ۾ هر صفحي جي مٿان استخاري جو نتيجو پڻ ڄاڻايو ويو آهي.

4. نهج البلاغه جو سنڌي ترجمو ۽ حاشيو (قلمي نسخو) : قرآن مجيد جي ترجمي ۽ تفسير کان پوءِ پاڻ اهو سوچيائون ته سنڌي زبان ۾ جيئن قرآن مجيد جي ترجمي جي سخت ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي اهڙي ريت ” فوق ڪلام المخلوق دون ڪلام الخالق“ جو رتبو رکندڙ نهج البلاغه جو پڻ سنڌي زبان ۾ ترجمو هجڻ گهرجي، ان ئي ارادي سان پاڻ قرآن جي ترجمي ۽ تفسير کان پوءِ ان ڪم کي شروع ڪيائون ۽ ان ڪم کي ڪافي حد تائين مڪمل ڪري چڪا هئا.

ترجمي ۽ حاشيي جي ان ڪم ۾ مصروف ئي هيا جو طبيعت ۾ ڪجهه ناسازگاري شروع ٿي وئي، ڪجهه وقت بيماري جي بستر تي رهڻ کان پوءِ آخرڪار 10 ذيقعده سن 1433 هه ق خميس ڏهاڙي دم ڌڻيءَ حوالي ڪري هميشه لاءِ ڌرتي ماءُ جي هنج ۾ آرامي ٿي ويا. پالڻهار کين جنت فردوس ۾ جايون عطا ڪري. ( آمين)

Template Design:Dima Group

Back to Top