ويهين صديءَ جي سنڌ جو سرتاج مولانا غلام مهدي نجفي اعلى الله مقامه جي سوانح حيات



تحرير : محمد علي حداد

ويهين صدي عيسوي نت نين ايجادن ،علمي برتري ، سياسي سرت ۽مذهبي ساڃاهه سبب ،انسان ذات جي تهذيبي ارتقا واري تاريخ ۾ هڪ اهم باب وارو درجو رکي ٿي. ٿلي ليکي صرف ڪمپيوٽر جي ڪارگردگي ، عظيم الشان لائبريرين جو قيام ،سوويت يونين جو ٺهڻ ۽ڊهڻ يا لا تعداد ملڪن جو سامراجي تسلط کان آزاد ٿيڻ ۽ آيت الله خميني ۽آيت الله خوئي رضوان الله عليهما جي عملي ۽ اصولي تعليم جا اثرات ،اهڙا موضوع آهن جن تي ڪيترائي ڪتاب لکيا ويندا .
ويهين صدي عيسوي ءَ جي برڪتن کي ويچار ۾ آنيندي جڏهن اسان پنهنجي سونهاري سنڌ ڏانهن نءر ڊوڙايون ٿا ته ويهين صدي عيسوي جو سنڌ لاءِ جيڪو نمايان تحفو نظر اڇي ٿو سو آهي سنڌ جو مايهء ناز عالم ،فقير منش انسان ۽ خلو رواداريءَ جو عظيم مينار حجت الاسلام مولانا غلام مهدي اعلى الله مقامه .
1_ پيدايش ۽ابتدائي تعليم
مولانا غلام مهدي رحه صاحب جن 15 شعبان سن 1340 هجري قمري مطابق 13 اپريل 1924 ع تي ڳوٺ واگهريجي تعلقو ۽ ضلعو ٿرپارڪر ۾ پيدا ٿيا . سندن والد جو نالو حجي نهال انلغاري هو. حاجي نهال خان لغاري کي ڪل ٽي پٽ هئا ، قبله غلام مهدي صاحب جن پنهنجي ٻن ڀائرن محمد علي ۽ حسن علي کان ننڍا هئا .15 شعبان جي ڀلاري ڏينهن تي ڄمڻ جي نسبت سان سندن نالو غلام مهدي رکيو ويو ، ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ ۾ حاصل ڪيائون ، سنڌي جي پڙهائڻ ۾ سندن استاد ، سائين فيض محمد ، سائين محمد حسن ۽سائين غلام حسين هئا. فارسي ۽ عربي ابتداء ۾ حافظ محمد علي بن حافظ محمد صادق حسين وٽ پڙهيا ،بعد ۾ مولانا مزمل حسين صاحب آف ڊيرا غازي خان جي معرفت قاضي امير حسين شاه وٽ “ابتدائي علم صرف” جي تعليم حاصل ڪيائون .
قبله غلام مهدي رحه صاحب جي استادن جي نالن ڏانهن نظر ڪجي ٿي ته انهيءَ راز تان پردو هٽندو نظر اچيٿو ته مولانا صاحب جي ابتدائي تعليم کان ئي مٿن محمدﷺ علي عليه السلام ، حسن عليه السلام ، حسين عليه السلام ۽ صادق عليه السلام ، جي فيض جو سايو جلوه افگن رهيو . پاڻ سنڌي فائينل جو امتحان پڻ ميرپورخاص سينٽر ۾ ويهي پاس ڪيو هئائون .
2_ديني تعليم جي لاءِ لکنئو وڃڻ
سن 1939 ع واري “لکنئو ايجيٽيشن” ۾ حصي وٺڻ سبب ميرٺ جي سينٽرل جيل ۾ باندي بڻايا ويا . جيئن سون باهه ۾ پوڻ بعد اڃا به وڌيڪ جر ڪندو آهي ، تيئن مڻياندار ماڻهو سور ۽ سختيون برداشت ڪري وڌيڪ مانُ پرائيندا آهن . مولانا غلام مهدي صاحب کي به رب پاڪ انهيءَ تڪليف جي ڀوڳڻ جي جزا اها ڏني جو ميرٺ شهر جي ديني درسگاهه “مدرسه منصبيه” ۾ کين داخلا ملي ويئي ،انهيءَ ديني ڪالج ۾ داخلا لاءِ اِن مدرسي جي شاگردن ۽ ساداتِ باره جي مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جو وڏو هٿ هيو .مولاناحڪيم سيد محمد صاحب جي معرفت کان پوءِ کين لکنئو جي مشهور شيعه درسگاهه “مدرسه ناظميه” ۾ داخلا ملي ويئي ، جتي پاڻ سن 1947ع تائين دعني ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تائين انهيءَ مدرسي ۾ ديني علوم سان گڏوگڏ عربي ۽ فارسي جي مختلف امتحانن ۾ ويٺا ، فارسي ۾ پاڻ منشي ، عالم ۽ فاضل جون سندون ۽ عربي ۾ مولوي ، علم ۽ فاضل جون انادو الهه آباد يونيورسٽيءَ مان حاصل ڪيائون . قبله غلام مهدي رحه صاحب جن پنهنجي ذهانت ۽ محنت جي ڏڍ تي ٻه ٻه امتحان گڏ ڏيندا هئا ، نه صرف ايترو بلڪه دستور موجب سينئر شاگرد هجڻ جي حيثيت ۾ ننڍن ڪلاسن وارن شاگردن کي به تعليم ڏيڻ جو سلسلو جاري رکيو ايندا هئا .
لکنئو ۾ زير تعليم هجڻ واري زماني ۾ سندن استاد محترمن جا نالا ڪجهه هن ريت آهن ، مولانا غلام مهدي ملڪ ، مولانا سيد محمد مهدي ، مولانا سيد ايوب حسين ، مولانا حافظ ڪفايت حسين ، مفتي سيد احمد علي شاه ،مولانا سيد محمد رضي مجتهد ، مولانا سيد محمد مرتضى ۽ مولانا غلام رسول 
۽ سندن دور ۾ جيڪي ساٿي شاگرد هئا انهن مان مولانا سيد طيب آغا الجزائري ، مولانا سيد محمد محسن صاحب (مارٽن روڊ ڪراچي وارو) ، مولانا سيد محمد مرتضى (علي ڳڙهه ) ۽ مولانا منظور حسين صاحب (پرنسپل دانشگاه واگهريجي) جا نالا به اچي وڃن ٿا .
3_ اعلى تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ نجف اشرف جو سفر
پاڪستان ٺهڻ بعد کين “ مدرسه ناظميه ” لکنئو ڇڏڻو پيو ۽ وطن ورڻ بعد ستت ئي “انجمن اماميه سنڌ” جي مالي امداد سان نجف اشرف ،مزيد تعليم پرئڻ لاءِ روانه ٿيا .نجف اشرف ۾ پاڻ ـ معالم الاصول ـ قوانين ـ شرح لمعه ـ مطول ـ تفسير صافي ـ رياض ـ شرح ڪبير ـ رسائل ـ مڪاسب ـ ڪفايه ـ ۽ ـ درس خارج ـ پڻ نصيب ٿين . حوزه علميه نجف اشرف ۾ جن متبرڪ هستين کان درس حاصل ڪيا تن مان شيخ محمد ترڪ ، سيد ابوالقاسم رشتي ، شيخ محمد علي مدرس افغاني ، محمد علي سرابي ، شيخ محمد باقر ، سيد حيدر اله آبادي .ان وقت عراق ۾ آقا سيد محسن الحڪيم مرجع هئا.
نجف اشرف جي تعليم دوران سندن ساٿين مان مولانا اختر عباس (پنجاب )، مولانا غلام مهدي جلالپوري (پنجاب)مولانا نصير حسين (پنجاب) مولانا طالب حسين (پنجاب) مولانا محمد محسن (ڪراچي ) مولاناصفدرحسين (لاهور) ۽ مولانا طيب آغا جا نالا محتاج متعارف نه آهن .
نجف اشرف جي حاصل ڪيل سندن مان آقا سيد محسن الحڪيم کان روايتي اجازت نامون (اجازه) ۽ مولانا سيد ابو القاسم رشتي کان تعليمي سند جا مالڪ هئا . هتي هڪ ڳالهه اِها به ذهن نشين ڪرڻ لائق آهي ته “ اِها ڳالهه ت طئي آهي ته ويهين صديءَ جو پهريون سنڌي طالب جنهن نجف اشرف مان تعليم حاصل ڪئي سو مولانا غلام مهدي صاحب هيو ، پر گذريل چند صدين تائين به اسان کي اهڙو سنڌي جو نالو نٿو ملي جيڪو نجف اشرف مان “اجازه ” حاصل ڪريآيو هجي ” .
3_ 1954ع ۾ پاڪستان واپسي
مولانا غلام مهدي صاحب جن سن 1954 ع ۾ عراق مان واپس وريا . جيئن هڪ ڦردار وڻ پنهنجي پڪل ميون جي چمڪ ذريعي عوام الناس کي پنهنجي طرف موهيندو آهي ، بلڪل اهڙي طرح مولانا غلام مهدي صاحب به هڪ ڪامل استاد وانگر سنڌ واسين کي علم جي پالوٽ لاءِ تيار ٿي آيو . جيئن سج جي روشني سان بيابان جي واري ءَ جا ذرڙا به چمڪڻ لڳنداآهن ، تيئن مولانا غلام مهدي صاحب جن پنهجي ڪردار ۽ گفتار سان عالم باعمل ٺاهڻ شروع ڪيا ، قبله غلام مهدي صاحب جي انهيءَ وصف سبب مان کين “شمس العلماء” سڏيان ٿو ، ها مگر مون کي خبر آهي ته برِصغير ۾ شمس العلماء انهن کي سڏيو ويندو هو جن کي انگريز سرڪار اهو طاب عطا ڪندي هئي ، انهي ڪري مان ولاناغلام مهدي اعلى مقامه جن کي “ شمس العلماء ” جهڙي سرڪار لقب بجاءِ اسان سنڌ جي شيعه اثنا عشري شيعن جو سرتاج سڏي رهيو آهيان. 
ديني خدمتون:

مولانا غلام مهدي صاحب جن جي قول ۽ فعل ۾ ڪوبه تضاد ڪونه هوندو هو. پاڻ سٺي علمي استعداد رکڻ سان گڏوگڏ هڪ عملي رھبر وانگر هيا . سندن ديني خدمتن کي آئون هٺين عنوانن ۾ ورهايان ٿو ـ
1_سفر جون صعوبتون : مولانا غلام مهدي صاحب جن نه صرف علم پرئڻ لاءِ سفر جون سختيون سٺيون بلڪه علم حاصل ڪري ا چڻ بعد به پاڻ سموري سنڌ جي ڏوراهين ماڳن تائين به دين جي تبليغ لاءِ ويندا هئا . ڪن جڳهن تائين رسڻ لاءِ پاڻ ميلن جا ميل پيرين پيادا به ويندا هئا . جيئن جو سندن سفر قربةً الى الله هوندو هو . انهي ڪري پاڻ جيڏانهن به هڪ دفعو پير گهمائي ايندا هيا .منهنجو ايمان آهي ته پاڻ سموري سنڌ جا سرتاج هيا . پوءِ به هنن ڳوٺن /شهرن کي اهو شرف حاصل آهي جو انهن ماڳن کي متعدد دفعا سائين جي جتي چمڻ جي سعادت نصيب ٿي . مثال جي طور تي : باگڙجي ، ٻانڌي ، پٽڻي ، ٽنڊو آغا ، ٽنڊو ٽوڙهو ، جوهي ، جيمس آباد ، ڄاڃي ٻرڙا ، جهلوري ، چوٻار ، خانپور ، خيرپور ميرس ، خيرپور ناٿن شاه ، دادو ، رڻيپور ، روشن آباد ، روهڙي ، زوار آباد ڪنب ، سرهاري ، سعيدآباد ، سيٺارجا ، شفيع آباد ، (ڳوٺ حاجي محمد بخش زرداري ) ، ڳوٺ ڇپر ان کوسو ، ڳوٺ ڳچيل ، ڳوٺ مير غلام علي ،ڳوٺ نور محمد شاهه ، ڳوٺ نهال خان ، مقصودو رند ، ميرپورخاص ،نوابشاهه ، هالا .
2_ تقريرون : مولانا صاحب جن جي تقرير سادن لفظن سان ٽمٽار هوندي هئي ،جيڪا هر ٻڌندڙ جي دلين ۾ جاءِ وٺندي هئي . علم سان گڏوگڏ عمل لاءِ به پختو عزم کڻي مجلسن مان اٿبو هيو .سندن مجلسن واري تقرير هجي يا ڪچهري واري گفتگو، اهڙي تاثير رکندي هئي جو پٿر دل ماڻهو به ميڻ مثل بڻجي ويندو هيو . ڪيترائي آلِ محمد جا دشمن جيڪي کيس ڳالهائڻ ۾ مات ڪرڻ لاءِ اينداهيا اُهي سندس مدلل ۽ مِٺيءُ ڳالهائڻ کان ايترو ته متاثر ٿي اٿنداهيا جو اڪثر دفعاکيس پيرين پئي ۽ هٿ چمي موڪلائيندا هئا .
صلوات ، اسباب معرفت ، رحمت ، دعا ، علم غيب ، حقوق والدين ، نور ۽ بشر ۽ واقعات ڪربلا ، سندن لا تعداد تقريرن مان چند عنوان آهن جيڪي سامعين باربار سائين جن کان ٻڌڻ لاءِ اصرار ڪندا هئا .
3_تحريرون : مولانا غلام مهدي صاحب جن ٻين ديني خدمتن سان گڏوگڏ تحرير جي رستي به تبليغ جو سلسلو جاري رکڻ ٿي گهريو سندن خواهش هئي ته مولاءِ ڪائنات حضرت علي مشڪل ڪشا جي اقوال جو مجموعو غرر الحکم مڪمل طور سنڌي ۾ ترجمو ٿي پوي پاڻ انهي سلسلي ۾ سفر خواهه حاضر ۾ غرر الحکم جي ترجمي ۽ تفسير ۾ مصروف رهندا هئا .انهي ڪتاب جو حصو انجمن اماميه سنڌ وارن شايع ڪرايو هو . باقي مڪمل ڪتاب اڃان شايع ٿيڻ جي او سيئڙي ۾ آهي ڪاش اسان جا اهل ثروت حضرات هن علمي خزاني کي ڇپرائي سنڌ واسين تي ٿورو به ڪن ۽ آل محمد عليهم السلام جي خوشنودي به حاصل ڪن .ان کان علاوه نهج البلاغه جو ڪجهه حصو ۽ ڪجهه ٻيا ڪتاب به اڻ پورا ترجمو ڪيل سندس تبرڪات ۾ شامل آهن . 
4_ مدرسا : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن هڪ بهترين مدرس هئا ،فقه ۽ حديث تي کين تمام گهڻي دسترسي هوندي هئي .سندن خواهش هئي ته سنڌ جي ننڍن ننڍن ڳوٺن تائين شيعا مدرسا قائم ٿين. پاڻ اڪثر مدرسن جي قيام ۾ ٻين جي مدد ڪندا هيا .سن 1945 ع ۾ جڏهن پاڻ عراق مان فرغ تحصيل ٿي آيا ته اچڻ ساڻ پنهنڳي ڳوٺ واگهريجي ءَ ۾ هڪ ديني مدرسو قائم ڪيائون .جنهن جو نالو “مدرسه جعفريه ” رکيائون . چند ڏينهن بعد مولانا مرحوم ثمر حسن زيدي جن سان گڏيل ڪوشش ڪري حيدر آباد ۾ مدرسه مشارع العلوم جو قيام فرمايائون . واگهريجي ۾ ئي بلاول تربيت گاهه قائم ڪيائون.۽ آخر ۾ مدرسي جعفريه کي هڪ ترقي يافته صورت ۾ ۽ جديد نڪته نظر موجب اثنا عشري مسلڪ وارن لاءِ هڪ ديني درس گاهه دانشگاهه جعفريه جي نالي سان قائم ڪيائون ،هي مدرسو هِن وقت سموري سنڌ ۾ هڪ منفرد مقام جو مالڪ مدرسو بڻجي چڪو آهي ، جنهن ۾ شاگردن جي اعلى تعليم ،سهڻي خريقي سان رهائش ، عمده خوراڪ ۽ عظيم الشان ڪتاب خاني جو اهتمام ڪيو ويو آهي . هن وقت هن مدرسي جا هيٺين شهرن ۾ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن .
لکي غلام شاه ، زوار آباد ڪنب، مورو ، نوابشاهه ، سانگهڙ ،شهداد پور ،شاهپور رضوي ، چنبڙ ، تلهار، ٺٽو ۽ محراب پور .
5_شاگرد : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت)،هڪ اهڙو معظم متبرڪ استاد هيو جنهن کي صحيح نموني سان پارس پٿر سان تشبيهه ڏيئي سگهجي ٿي، چون ٿا ته پارس پٿر سان جيڪڏهن لوهه کي ڇهبو آهي ته اهو لوهه سون بڻجي پوندو آهي .مون پارس پٿر کي ناهي ڏٺو ،مگر مان پوري يقين سان چوان ٿو ته قبله مولانا غلام مهدي صاحب جن کي الله تبارڪ وتعالى اهيا ڪرامت عطا ڪئي هئي ،جو پاڻ جنهن کي نظر ڪرم سان ڏٺائون ته ان جو بخت سوايو ٿي ويو .اهيو ٻاجهه وارو ٻوٽو جن به دلين ۾ سانڍيو ته اهي اڄ پاڻ وڏي علمي رتبي ۽ روحاني رمزن سان مفڪرين ٿي ڇڪا آهن .سائين غلام مهدي هندوستان ،نجف اشرف ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي علم جي پياسن کي سيراب ڪرايو .انهن خوش نصيبن مان چند جا نالا لکڻ ضروري سمجهان ٿو،جيڪي هن وقت بذات خود ديني علم جا سرچشما بڻجي چڪا آهن .
مولانا سيد حميدالحسن (پرنسيپال مدرسه ناظميه لکنئو)
مولانا سيد محمدباقر ٺٽوي (ننڍوڀاءُ مولانا سيدعلينقي النقوي ) 
مولانا ڪلب صادق لکنئو 
مولانا سيد علي صغير زيدي (ڪوٽ ڏيجي)
مولانا عباس علي نجفي (سرپرست دانشگاه جعفريه )
مولانا محمد محسن مهدوي فرزند اڪبر مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب 
مولانا حيدر بخش مزاري (ٽنڊو باگو)
مولانا محمد بلاول رند(ڪنري)
۽ مولانا سيد شبيهه الرضا(مبلغ آفريڪا)
6_ اولاد : مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن جي اولاد کي به سندن ديني خدمتن واري بابت ۾ شامل ڪجي ته ڪوبه حرج نه آهي ،ڇو جو مولانا غلام مهدي(عليه رحمت) صاحب جن جيئن جو پنهجي سموري زندگي مذهب آل محمد عليهم السلام لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي. ان حساب سان سندس نيڪ سيرت اولاد به خود سندن ديني خدمتن ۾ شمار ٿئي ٿي،مولانا صاحب کي مولا پاڪ پنج پٽ ۽ ڇهه نياڻيون عطا ڪيون . سندن پنجن ئي پٽن جا نالا هي آهن .
محمد محمد محسن ،امان علي ، محمد مرتضى ، حسن مصطفى ۽ امين حيدر .
انهن پنجن پٽن مان مولانا صاحب جا ٽي پٽ ديني تعليم سان سنواريل آهن .سندن فرزند اڪبر مولانا محمد محسن مهدوي صاحب قم منجهان زيور تعليم سان به آراسته ٿيل آهي . قبله غلام مهدي صاحب جن جا نه صرف ٽي پٽ عالم آهن بلڪه هن مٺڙي سائين پنهنجي خاندان تي به ديني علم جو جنون طاري ڪري ڇڏيو. صرف سندس پنهنجا ڇهه ڀائٽيا ۽ ٻه ڏهٽا به اڄ خدا جي فضل ۽ ڪرم سان علماء جي صف ۾ شمار ٿين ٿا .
1_ مولانا عباس علي ، مولانا سجاد علي ، مولانا سڪندر علي ، مولانا محمد امين ، مولانا جابر حسين ، مولانا خادم حسين .ڀائيٽيا.
2_ مولوي حاڪم علي ،مولوي معراج حسين
سيرت : 
مولانا صاحب جن سچاديندار انسان هئا . سندس مهر جي مرڪ ۾ خلوص جا خراز سمايل هوندا هئا سندن قربئتي نظر بد بخت کي به بسيار بخت جو مالڪ بڻائي ڏيندي هئي . پاڻ ديني تعليم ۾ هڪ واعظ تند خوان بجاءِ باعمل ڪارڪن هوندا هئا . مان کين حلم ، محبت ۽ علم جي کاڻ چوان ته به سندن واکاڻ جو حق ادا نٿو ڪري سگهان . ڇو جو کاڻ تائين ضرورتمند ڪهي ويندو آهي پر قبله غلام مهدي صاحب اهڙو دعا جو در هيا جيڪو هر دل واري ۽ آل محمد عليهم السلام سان محبت ڪرڻ واري جي گهرج واري گهر سان منسلڪ هيو . پاڻ تقوى ۽ اخلاق حميده جو روشن مينار هئا . جنهن جي روحاني چمڪ کي ڏسي ، ڪفر ، لالچ ، لوڀ ۽ ڪم علمي واري اونداهيءَ رات ۾ ڀليل ڪيترائي مسافر سنئين دڳ لڳا اسان پنهنجي حق جي امامن ۽ پيغمبرن لاءِ به ٻڌو آهي مگر مولانا غلام مهدي صاحب جي لڇڻن اوصاف حميده ڏسي ايمان ٿو اچي ته اسان جا امام يقينا معصوم آهن . پاڻ هر ڪاهيندا هئا گهر جو ڪم اڌ کان وڌيڪ پاڻ ڪندا هئا ، ايتري تائين جو ماني به پاڻ پچائيندا هئا .

تقرب اهل بيت : 

قبله مولانا غلام مهدي(عليه رحمت)، جن بلا شبهه هڪ ڪامل ولي هيا . سندن پاڪ دامني ءَ۾ روحانيت جي لحاظ کان اعلى جا ڪيترائي مثال ماڻهن کي ياد آهن . جڏهن پاڻ اڃا لکنئو ۾ زير تعليم هيا ، سندن اعلى اخلاق کان متاثرٿي هڪ دفعي سندن استاد حافظ ڪفايت حسين صاحب فرمايو ته جيڪڏهن غلام مهدي نماز پڙهائي ته مان سندس پٺيان نماز پڙهندس . 
جڏهن پاڻ نجف اشرف ۾ تعليم پرائيندا هئا ته سندن تقوى کان متاثر ٿي مرجع شيعانِ اهل بيت آيت الله محسن الحڪيم اعلى الله مقامه جن جو مٿن ايترو اعتماد هيو جو مڙني طالب العلمن کي مولانا غلام مهدي (رح) هٿان وظيفو(شهريو) ملندو هو.
سهڻي اخلاق ، بي لوث خدمت ۽ پاڪ دامني ءَ سبب کين تقربِ اهل بيت عليهم السلام به حاصل هيو . مولانا صاحب جن جي هڪ پياري شاگرد مولانا سيد شبيهه الرضا زيدي جي روايت آهي ته هڪ دفعي مون مولانا صاحب جن کان پڇيو ته عام ماڻهو چون ٿا ته اوهان وٽ اهلبيت عليهم السلام اچن ٿا . انهيءَ حقيقت بابت مون کي ڪجهه ٻڌايو ؟مولانا صاحب جن فرمايو ته اهلبيت عليهم السلام هر مومن وٽ ايندا رهندا آهن .
شاه صاحب جي اصرار تي مولانا صاحب جن انهيءَ شرط تي هڪ واقعي جو بيان فرمايائين ته سندن زندگي ۾ شاهه صاحب اِهو واقعو ڪنهن کي نه ٻڌائيندو . مولانا سيد شبيهه الرضا صاحب جو چوڻ آهي ته مولانا جن فرمايو ته : “ نجف اشرف کان واپس اچڻ بعد اڪثر ڪري روئي مولى پاڪ کي پڪاريندو هيس ته مولى نجف ۾ ته هر روز توهان جي زيارت نصيب ٿيندي هئي . هاڻي مون کي طاقت ناهي جو اوهان جي در تي اچي زيارت ڪريان . مان لڳاتار ست سال مولى علي عليه السلام کي پڪاريندو رهيس . هڪ ڏينهن ٽپهري وقت آئون پنهنجي ڪتب خاني ۾ ويٺو هيس جو در تي دق الباب ٿيو . در کوليم ته ٻه گهوڙي سوار برقعه پوش سامهون ڏٺم ، مون انهن کي آڌر ڀاءُ ڪري لائبريري ۾ وهاريو . تعارف پڇڻ تي پاڻ برقعو مٿي ڪري فرمايائون ته روز سڏين ٿو ۽ اڄ وري پڇين ٿو ته ڪير آهيان ؟ اڄ جيتري وڻئي زيارت ڪر ” 
هي واقعو خواب جو نه هو بلڪه جاڳندي جو هيو . ڇو جو ڪجهه ماڻهن کي انهي جي کڻڪ پيل هئي . واگهرجي ڀرسان هڪ ڳوٺ “ڌپ سڙيا” آهي اتان جي هڪ رهاڪو ءَ انهن برقعه پوش گهوڙِ سوارن کي ڏسي پڇيو هوته اوهان ڪيرڀ آهيو ۽سندس استفسار تي کيس جواب مليو هوته اسان کي تڪڙ آهي ڇو جو غلام مهدي اسان جي انتظار ۾ آهي .
پاڪن جي صحبت ڪري پاڻ صاحب ڪرامت به هئا . مولانا سيد ارشاد حسين صاحب ۽ سندن فرزند مولانا محمد محسن صاحب جن جي روايت آهي ته : هڪ دفعي مولاناصاحب جن حڪم ڪيو ته مدرسي ڀرسان پوکيل تورين جي ول مان توريون پٽي اچو ته پچائي کائون شاه صاحب ۽ محسن صاحب جن ول ڏانهن ويا ايا ول ڏهه فوٽ ڊگهي اڍائي فوٽ ويڪري هئي .اسان سڄي ول ڇنڊي ڏٺوسين ته هڪ ٻن تورين کان وڌيڪ ڪابه توري هٿ نه آئي . اسان جڏهن کين تورين نه هجڻ جو ٻڌايو ته پاڻ اٿي بسم الله ڪري ول مان توريون پٽڻ شروع ڪيائون ۽ ٻه اڍائي ڪلو توريون پٽي اچي اسان جي اڳيان رکيائون.
جڏهن آخري دفعو پاڻ اسپتال داخل هيا پاڻ اڪثر ڪري اکيون بند ٿي ڪيائون ۽ وري ٿي کوليائون ، ائين متعدد دفعا ڪرڻ تي جڏهن سائين جن کان ان جو سبب پڇيو ويو ته ڇا اکيو بند ۽ کلڻ جو باعث تڪليف ۾ شدت آهي ته پاڻ فرمايائون ! ڪابه تڪليف نه آهي پر ڪجهه اهڙيون هستيون منهنجي اڳيان اچي وڃن ٿيون جن انهن جي آڏو مونکي اکيون بند ڪرڻيون پون ٿيون .

وفات 

ديني علوم جو سخي سرتاج سونهاري سنڌ جو مايه ناز عالم 23 جنوري 1987ع تي رات جو نائين وڳين مالڪ حقيقي جي سڏ تي وڃي پنجن جي پناه ۾ پهتو .
انا لله و انا اليه راجعون.
قبله مولانا صاحب جي رحلت جي خبر وڄ وانگر برق رفتاري سان سموري سنڌ ۾ پکڙجي ويئي سندن ميت مبارڪ 24 جنوري مطابق 23 جمادي الاول 1407هجري منجهندهڪوڳي ڌاري واگهريجي پهتي شام جو 4 وڳي دانشگاه واگهريجي ۾ سندن جنازي نماز پڙهي وئي سندن وصيت موجب سائين جن جي جنازي نماز مولانا سيد ارشاد حسين شاه نقوي پڙهائي سندن جنازي جي تدفين ۾ ساري سنڌ جا هزارين سوڳوار شريڪ ٿيا. هڪ طرف سج اولهه ۾ غروب ٿي رهيو هو ته ٻي طرف وري ملت جعفريه جو سرپرست ۽ ممتاز عالم دين علم حضرت عباس جي ڇانو هيٽ ابدي آرام گاه جي سپرد ٿي رهيو هو . سنڌ پنهنجي سرتاج کان محروم ٿي وئي . ڪيترائي بي سهارا مسڪين پنهنجي آسري کان محروم ٿي ويا . سندن وفات حسرت آيات تي مسلمان ته ڇڏيو پر تر جا غير مسلم به اشق بار هئا سچ پچ ته قبله غلام مهدي صاحب اها عظيم هستي هيا جن جي رحلت تي انسان ته ٺهيو وڻ به روئي رهيا هئا عيسوي سن جي لحاظ کان مولانا غلام مهدي صاحب جن هن دنيا۾ چوهٺ سال ، نو مهينا ۽ ڏهه ڏينهن مهمان ٿي رهيا . قمري سن جي حساب سان مولانا صاحب جن تقريبا 67 سال پنهنجا دم کنيا .
د مزدن ۾ دل گهريا دلبند دلبر ٿو کسي ،
موت پئي شل موت کي، ڪيڏا وڇوڙا ٿو وجهي!

Template Design:Dima Group

Back to Top