وادي مهراڻ جي هڪ علمي شخصيت (مولانا جابر حسين اسلامي)

 جو مختصر تعارف

تحرير سيد احمد علي نقوي (قم المقدس ايران)

 

 

مهاڳ

 

الله سائين جي مخلوق منجهان انسان بهترين مخلوق آهي ، انهن انسانن ۾ به کوڙ سارا درجا ۽ رتبا آهن پر الله سائين عالمن کي جاهلن تي ترجيح ڏيندي فرمايو آهي هل يستوي الذين يعلمون والذين لا يعلمون ان آيت ۾ الله سائين جو اهو ارشاد ٿئي ٿو ڇا عالم ۽ جاهل برابر آهن ، يعني جاهل جو رتبو ۽ مقام جاهل کان مٿانهون آهي قبله جابر حسين اسلامي به ان علم جي زيور سان آراستا هئا ، سندن سڄي زندگي علم جي خدمت ۾ ئي گذري .

 

خاندان

 

قبله جابر حسين اسلامي مولانا غلام مهدي نجفي جا داماد هجڻ سان گڏوگڏ قبله عباس علي نجفي جا ڀاء هئا معصوم جو فرمان آهي جيڪڏهن ڪنهن جو ڪردار ۽ اخلاق ڏسڻو اٿو ته ڏسو ته ان جا دوست ڪهڙا آهن سائين جابر جي پرورش به هڪ اهڙي سرزمين تي ٿئي جيڪا علم جي نورانيت ۽ روشني سان منور هئي .

 

علمي قابليت

 

سائين جابر حسين اسلامي سان گڏ جيڪي دوست رهيا آهن اهي هميشا سندن علمي قابليت جو اعتراف ڪندا آهن پاڻ ايران م درس خارج (اجتهاد وارو درس ) تائين تعليم حاصل ڪيائون . ان کان وڌيڪ ڇا بيان ڪجي جو سندن شاگرد به درس خارج جي پڙهڻ ۾ مصروف آهن

 

تدريس

 

پاڻ ڪيترن سالن کان دانشگاه جعفريه واگهريجي ۾ استاد هئا .هاڻي به قم ۽ نجف جي سرزمين تي سندن ڪيترا ئي شاگرد تعليم حاصل ڪري رهيا آهن ۽ اهي شاگرد  اهڙو ته صدقه جاريه آهن جن جي نوارانيت قيامت تائين کٽڻ واري ئي ناهي انهن سڀني جي ثواب ۽ اجر ۾ شريڪ آهن .

 

سندن وفات

 

جڏهن مان ۽ منهنجو ڪلاسي  مباحثو ڪري رهيا هياسين تقريبا اڌ رات گذري چڪي هئي هڪ ميسيج آيو جنهن کي پڙهي زمين ئي پيرن هيٺان نڪري وئي اهو دوست ٻيو ڪو نه نويد حسين هيو جنهن ميسيج پڙهندي چيو انا لله وانا اليه راجعون يار سائين جابر جي وفات ٿي وئي يقين ئي ڪو نه پيو اچي جو ڇو جو سائين جي عمر به ته ايڏي ڪونه هئي پر ڇا ڪجي رضا بقضائه وتسليما لامره

 

سندن جنازي نماز واگهريجي جي امام بارگاه ۾ قبله مولانا محمد محسن مهدوي جي امامت ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾ سنڌ جي نامور عالمن ۽ سندن شاگردن ، مومنن شرڪت ڪئي سندن جنازي تي امام موسى ڪاظم عليه السلام جو مصائب به پڙهيو ويو ڪيڏي نه خوش نصيبي آهي جو پنهنجي وطن تي پٽن ڀائرن دوستن شاگردن جي هوندي سندن جنازي نماز ٿئي قربان وڃان امام موسى ڪاظم عليه السلام تان ، مولا امام حسين عليه السلام تان جو پرديس ۾ .............................

 

قم المقدس ۾ سندن وفات جي خبر پوندي ئي هڪ غم جي فضا قائم ٿي وئي هر ڪو اهو چپندي نظر پيو اچي يار يقين ئي ڪو نه ٿو اچي ته سائين جوانيء ۾ ئي اسان کي ڇڏي هليا ويا

 

دانشگاه جعفريه واگهريجي جي طالبعلمن جيڪي قم ۽ نجف ۾ مقيم آهن سائين جي ايصال ثواب لاءِ ان ڏينهن تي مجلس جو اعلان ڪيو جيڪا سائڻ حضرت بيبي معصومه قم سلام الله عليها جي حرم ۾ ٿئي جنهن ۾ قم جي طالبعلمن ۽ پاڪستان آيل زوارن  شرڪت ڪئي ۽ سندن مغفرت ۽  بلند درجي لاءِ دعا به گهري وئي .

 

اڄ يعني 24 شعبان 1436هجري قمري بمطابق 22 جون 2015 جمعه جي ڏينهن مدرسه حجتيه (قم المقدس) ۾ سندن ايصال ثواب لاءِ ٽيجهي جي مجلس رکي وئي آهي جنهن کي مولانا محمد باقر نجفي خطاب ڪرڻ فرمائيندا ڇو جو اسان جو ڪو به پنهنجو مٽ مائٽ يا استاد جڏهن هن دنيا ۾ لاڏاڻو ڪري ويندو آهي اسان پهريان غريب زهرا امام حسين عليه السلام جي مجلس ڪري ان جو ثواب مرڻ واري کي هديو ڪندا آهيون ۽ ان کان بهترين ڪو ٻيو نٿو ٿي سگهي .

 

 مان سائين جابر حسين اسلامي ره  جي پسماندگان ۽ تمام شاگردن جي خدمت ۾ تسليت ۽ تعزيت عرض ڪيان ٿو الله کين صبر جميل عنايت فرمائي۽ ڌڻي در دعا آهي ته الله سائين سندن مغفرت ڪري ۽ پنجن ٻارنهن جي ڪچهري نصيب فرمائي عاش سعيدا ومات سعيدا

 

‏جمعه‏، 12/6/2015

 

Template Design:Dima Group

Back to Top